رانديون

پاڪستان هٿان شڪست بعد افغان تماشائين جو پاڪستانين تي تشدد، اسٽيڊيم ۾ ڀڃ ڊاهه

ايشيا ڪپ جي سپر 4 مرحلي جي اهم ۽ فيصلائتي ميچ ۾ افغانستان جي ٽيم کي پاڪستان هٿان شڪست افغان تماشائين کي برداشت نھ ٿي سگهي، جن پاڪستاني تماشائين تي نھ رڳو تشدد ڪري زخمي ڪري ڇڏيو، پر ڪرسيون اڇلڻ هڻڻ کان وٺي اسٽيڊيم ۾ ڀڃ ڊاهه پڻ ڪئي آهي، جنهن جون ڪيئي وڊيو پڻ وائرل ٿي ويون آهن. ميڊيا مطابق ايشيا ڪپ جي سپر 4 جي ميچ ۾ آخري اوور دوران نسيم شاهه لاڳيتو ٻھ ڇڪا هڻي شڪست ڏياري ڇڏي تھ اها شڪست رانديگرن مايوس ۾ قبول ڪئي، پر افغان تماشائين کان برداشت نھ ٿي ۽ انهن ڪرسيون اڇلي پاڪستانين کي هنيون ۽ مٿن تشدد ڪيو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ ميچ دوران آصف علي پاران افغانستان جي تيز بالر فريد احمد ۾ ڇڪتاڻ ٿي، جنهن ماحول کي اڳ ئي گرم ڪري ڇڏيو هو، بعد ۾ ٽيم جي شڪست تي سندن حامي تماشائي وڙهي پيا. هوڏانهن افغان تماشائين پاران پاڪستان جي شهرين تي تشدد، مٿن ڪرسيون اڇلي هڻڻ ۽ ڀڃ ڊاهه جي وڊيو بھ وائرل ٿي وئي آهي، جنهن ۾ مداحن جي وڏي اڪثريت سوشل ميڊيا تي افغانستان جي تماشائين کي اخلاقيات سکڻ جا مشورا ڏنا آهن، جن چيو تھ هن حالت ۾ سيڪيورٽي آخر ڇا پئي ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button