رانديون

ٽي 20 ورلڊ ڪپ بابت ميٿيو هيڊن پاڪستاني ٽيم جو مينٽور مقرر

پي سي بي ٽي 20 ورلڊ ڪپ 2022ع بابت آسٽريليا جي اڳوڻي ڪرڪيٽر ميٿيو هيڊن کي ٻيهر پاڪستاني ٽيم جو مينٽور مقرر ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق پي سي بي ميٿيو هيڊن جي مينٽور جي مقرري جو اعلان ڪيو، جيڪو برسبين ۾ 15 آڪٽوبر تي ٽيم سان اچي گڏبو. پي سي بي چيئرمين رميز راجا چيو آهي تھ ميٿيو هيڊن آسٽريليا جي ڪنڊيشنز کان وقف آهي، تنهنڪري هو فائديمند ثابت ٿيندو. جڏهن تھ ميٿيو هيڊن جو چوڻ آهي تھ پاڪستاني ٽيم بابت پرجوش آهيان، مان ان جي ايشيا ڪپ ۾ پرفارمنس کي ڏسي رهيو آهيان. ياد رهي تھ آسٽريليا سان تعلق رکندڙ ميٿيو هيڊن 2021ع ۾ ٽيم جي مينٽور طور ڪم ڪري چڪو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button