رانديون

پاڪ افغان ميچ ۾ هنگامو ڪندڙن تي 2 لک رپيا ڏنڊ، ڊي پورٽ جي ڌمڪي

شارجا جي اسٽيڊيم ۾ پاڪستان ۽ افغانستان جي ٽيمن وچ ۾ ميچ دوران هنگامو ڪندڙ جوابدارن تي پاڪستاني ڪرنسي ۾ 2،2 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو آهي ۽ ان سان گڏ کين ڊي پورٽ جي ڌمڪي پڻ جاري ڪئي وئي آهي. ميڊيا مطابق ايشيا ڪپ جي ميچ ۾ پاڪستان هٿان افغانستان جي ٽيم کي شڪست تي تماشائين پاڪستاني مداحن مٿان تشدد ڪري ڀڃ ڊاهه ڪئي، جنهن دوران اسٽيڊيم جون ڪرسيون ٽوڙي اڇلي فساد پڻ ڪيو ويو هو، جنهن تي دبئي جي اختيارين پاران ڏوهارين جي نشاندهي ڪرڻ بعد ڪاروئي ڪئي وئي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ هر هڪ جوابدارن تي 3،3 هزار درهم يعني 2 لک رپيا پاڪستاني ڏنڊ وجهي پوليس کين وارننگ بھ ڏني آهي، جنهن تحت پوليس جوابدارن کي چيو آهي تھ جيڪڏهن ٻيهر ان قسم جو ڏوهه ڪيو ويو تھ جيل موڪلڻ سان گڏ ڊي پورٽ بھ ڪري سگهجي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button