رانديون

آصف آفريدي مٿان عارضي طور ڪرڪيٽ کيڏڻ تي پابندي لاڳو

پاڪستاني ڪرڪيٽر آصف آفريدي مٿان عارضي طور ڪرڪيٽ کيڏڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. ميڊيا مطابق پي سي بي اختيارين اينٽي ڪرپشن ڪوڊ جي ڀڃڪڙي جي الزام هيٺ ڪرڪيٽر خلاف قدم کنيو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ آصف علي مٿان اينٽي ڪرپشن ڪوڊ 2، 4 ٽوڙڻ جو الزام لڳو، جنهن تحت سندس خلاف جاچ بھ شروع ڪئي وئي آهي. پي سي بي جي بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ جاچ دوران آصف آفريدي هر قسم جي ڪرڪيٽ نھ کيڏي سگهندو. هوڏانهن آصف آفريدي کي نوٽيس جاري ڪري 14 ڏينهن ۾ جواب گهريو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button