رانديون

سريلنڪن ٽيم جو ڏيهه پهچڻ تي شاندار استقبال، روڊن تي گشت

سريلنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيم جو ايشيا ڪپ جي ٽرافي کڻي واپس ڏيهه پهچڻ تي شاندار استقبال ڪيو ويو آهي ۽ کين وڏي ڊبل بس ۾ ويهاري روڊن تي گشت ڪرايو ويو، جنهن دوران ماڻهن سندن ڀرپور آجيان ڪئي آهي. هوڏانهن ايشيا ڪپ جي فاتح ٽيم جو ايئرپورٽ تي گلن جا هار پارائي وڏي هجوم آجيان ڪئي. جڏهن تھ رانديگرن کي ٽرافي هٿن ۾ ڏئي وڏي ڊبل بس جي ڇت تي ويهاري گشت بھ ڪرايو ويو آهي. ڪپتان داسن شانڪا ۽ رانديگرن جي وک وک تي ملڪي عوام گڏ ٿي آجيان ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button