رانديون

بابر اعظم جا ٽي-20 رينڪنگ ۾ به پويان پير، ٻي پوزيشن وڃائي ويٺو

پاڪستان جي ڪپتان بابر اعظم جو ستارو گردش ۾ آهي، جيڪو ايشيا ڪپ ۾ خراب ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي آءِ سي سي ٽي 20 رينڪنگ ۾ ٻي پوزيشن کان به محروم ٿي ويو آهي. ايشياڪپ ۾ مسلسل ناڪامين بعد بابراعظم ٽئين نمبر تي اچي ويو، محمد رضوان پهرين پوزيشن تي برقرار آهي، جڏهن ته ڏکڻ آفريڪا جي ايڊم مارڪرم ٻي پوزيشن والاري ورتي آهي، ٽاپ ٽين بئٽرز ۾ سوريا ڪمار ياديو چوٿين، ڊيوڊ ملن پنجين، ايرون فنچ ڇهين، ڊيون ڪانوي ستين ۽ نسانڪا اٺين نمبر تي آهن. بابراعظم جون رينڪنگ پوائنٽون گهٽجي 771 تي پهتيون آهن، وڪيٽ ڪيپر محمد رضوان 810 پوائنٽن سان پهرين پوزيشن تي موجود آهي. پاڪستان جو ڪو به رانديگر آل رائونڊرن ۽ بالنگ رينڪنگ جي ٽاپ ٽين لسٽ ۾ جا ٺاهي نه سگهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button