رانديون

نيوزيلينڊ جي نيشم سينٽرل ڪانٽريڪٽ جي آڇ ٿڏي ڇڏي

نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽر جمي نيشم سينٽرل ڪانٽريڪٽ جي آڇ کي ٿڏي ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق آل رائونڊر جمي نيشم اوورسيز ڊوميسٽڪ ليگز ۾ مصروفيتن سبب سينٽرل ڪانٽريڪٽ جي آڇ کي رد ڪيو آهي. ان حوالي سان جمي نيشم بيان جاري ڪندي چيو آهي تھ ڪانٽريڪٽ فهرست ۾ نالو نھ هجڻ ڪري ليگز سان معاهدا ڪيا، تنهنڪري اهي پورا ڪبا، اهو ئي سبب آهي جو مون سينٽرل ڪانٽريڪٽ کي رد ڪيو آهي. هوڏانهن ڪرڪيٽ نيوزيلينڊ جي بيان ۾ چيو ويو آهي تھ جمي نيشم جڏهن بھ دستياب هوندو، سندس سليڪشن تي غور ڪيو ويندو. واضع رهي تھ ٽرينٽ بولٽ ۽ ڪولن ڊي گرينڊهوم جي وڃڻ بعد فن ايلن ۽ بليئر ٽڪنر کي ڪانٽريڪٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button