رانديون

انگلينڊ ويمن ڀارت کي شڪست ڏئي ٽي 20 سيريز کٽي ورتي

انگلينڊ جي ويمن ڪرڪيٽ ٽيم ڀارت ويمن کي ٽين ۽ آخري ٽي 20 ميچ ۾ شڪست ڏئي سيريز بھ پنهنجي نالي ڪري ورتي آهي. ميڊيا مطابق ٽن ميچن واري سيريز جي آخري ميچ ۾ انگلينڊ 7 وڪيٽن تان فتح حاصل ڪئي آهي. جڏهن تھ ڀارت جي ويمن ٽيم 8 وڪيٽن تي 122 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ ريچا گهوش 33 ۽ ديپتي شرما 24 رنسن سان نمايان رهيون، 5 بيٽر ڊبل فگر ۾ نھ آيون. انگلينڊ ويمن جواب ۾ 3 وڪيٽن تي 126 رنسون ٺاهي ڪاميابي ماڻي، جنهن ۾ صوفيا ڊنڪلي 49 ۽ ايلس ڪيپسي 38 رنسن سان نمايان رهيون. جڏهن تھ صوفي ايڪليسٽون 3 وڪيٽون وٺڻ تي پليئر آف دي ميچ ۽ صوفيا ڊنڪلي پليئر آف دي سيريز جا ايوارڊ ماڻيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button