رانديون

سرينا وليمز پاران راجر فيڊرر جي رٽائرمينٽ ڪلب ۾ آجيان

آمريڪي جي تازو ئي رٽائرمينٽ وٺندڙ ٽينس اسٽار سرينا وليمز پاران ٽينس اسٽار راجر فيڊرر جي رٽائرمينٽ ڪلب ۾ آجيان ڪري ڇڏي آهي. سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ سرينا وليمز جو چوڻ هو تھ مون سدائين اوهان کان سکيو، شايد تمام گهڻي حد تائين اسان جا رستا ساڳيا آهن، لکين ماڻهن کي توهان متاثر ڪيو آهي. هن چيو تھ مان توهان جي تعريف ڪرڻ چاهيان ٿي، مستقبل ۾ اهو ڏسنديس تھ ڇا ڪرڻ چاهيو ٿا. سرينا جو چوڻ هو تھ مون کي پنهنجي جذبات جو اظهار ڪرڻ جو موقعو کپي پيو، جيڪو هاڻ مليو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button