رانديون

انگلينڊ ۽ پاڪستان ۾ سڀاڻي پهريون ٽي 20 مقابلو، 17 سالن جو انتظار ختم

انگلينڊ ۽ پاڪستان جي وچ ۾ پهريون ٽي 20 ميچ سڀاڻي ڪراچي جي ميدان تي کيڏيو ويندو، جنهن جي تياري ٻنهي ٽيمن مڪمل ڪري ورتي آهي. ميڊيا مطابق انگلينڊ جي ٽيم پاڪستان ۾ 17 ورهين بعد ايڪشن ۾ نظر ايندي، جنهن سان مداحن جو وڏي عرصي وارو انتظار پڻ ختم ٿي ويندو. هوڏانهن ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ سڀاڻي واري ميچ جون سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن ۽ مهمان رانديگرن جي سيڪيورٽي کي وڌيڪ سخت ڪندي اسٽيڊيم ۾ سيڪيورٽي کي پڻ مضبوط ڪيو ويو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ انگلش ڪرڪيٽ اسٽار ڪراچي ۾ ايڪشن ۾ نظر ايندا، پر سندن ڪپتان جوز بٽلر جي زخمي هجڻ سبب قيادت معين علي حوالي ڪئي وئي آهي. جڏهن تھ بالر ڪرڪس ووڪس ۽ مارڪ ووڊ نھ کيڏندا. هوڏانهن پاڪستان جي ٽيم بابراعظم جي قيادت ۾ ميدان تي لهندي، جنهن مان شاهين آفريدي جهڙو بالر زخمي هجڻ سبب اسڪواڊ ۾ نھ هوندو. ياد رهي تھ شاهين آفريدي لنڊن ۾ علاج ڪرائي رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button