ڪراچي: پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابراعظم چيو آهي ته هميشه سٺي جي اميد رکڻ گهرجي ڇو ته شيون ٿينديون رهنديون آهن، ڪوشش ڪندس ته سيريز ۾ فارم واپس آڻيان. نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي قومي ٽيم جي ڪپتان جو چوڻ هو ته گذريل 2 سالن کان اسان جي اوپننگ جوڙي ڪافي ڪامياب رهي آهي پر هر ميچ ۾ صورتحال مختلف آهي، پاڪستان به ڪيتريون ئي فتحون حاصل ڪيون آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته منهنجي هرشل گبز سان اهڙي ڪا به ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي، منهنجي پرفارمنس ۾ ڇڪتاڻ هئي پر مان مڊل آرڊر جي ڪارڪردگيءَ تي خوش آهيان، سٺي يا خراب شيءِ هميشه ٿيندي آهي ۽ مقصد به ساڳيو ئي حاصل ٿيندو آهي.
بابر اعظم جو چوڻ هو ته نوجوان فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي کي سيريز ۾ ياد ڪيو ويندو، سندس فٽنس آهستي آهستي بهتر ٿي رهي آهي ۽ اميد آهي ته هو ورلڊڪپ لاءِ دستياب هوندو. هن چيو ته انگلش ٽيم وڏي عرصي کانپوءِ پاڪستان آئي آهي ان ڪري انگلش ٽيم خلاف ٽي-20 سيريز انتهائي اهم هوندي ۽ سٺيون ميچون ڏسڻ ۾ اينديون، جڏهن ته ورلڊ ڪپ جي تيارين ۾ به مدد ملندي.