رانديون

آءِ سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ 2023 جو فائنل اوول ۾ ٿيندو

لنڊن: انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ 2023 جو فائنل اوول ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ کيڏيو ويندو. آءِ سي سي جي چيف ايگزيڪيوٽو جيوف ايلارڊائس هڪ بيان ۾ چيو ته اوول جو تاريخي ڪرڪيٽ گرائونڊ ايندڙ سال ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ فائنل جي ميزباني ڪندو. اهڙي طرح لارڊز ڪرڪيٽ اسٽيڊيم کي سال 2025ع جي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ فائنل جي ميزباني جي ذميواري سونپي وئي آهي.

ان کان اڳ پهرين ٽيسٽ چيمپيئن شپ جو فائنل ڀارت ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ کيڏيو ويو، جتي ڪيوي ٽيم ڀارت کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽائيٽل کٽي ورتو هو. واضح رهي ته ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي رينڪنگ ۾ آسٽريليا پهرين، ڏکڻ آفريڪا ٻئي، سريلنڪا ٽئين، ڀارت چوٿين ۽ پاڪستان پنجين نمبر تي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button