ڪراچي: قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي چيف سليڪٽر محمد وسيم اڳوڻي ڪرڪيٽرن کي اپيل ڪئي آهي ته رانديگرن تي تنقيد نه ڪريو. نجي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي چيف سليڪٽر محمد وسيم چيو ته اڳوڻا ڪرڪيٽرز سليڪشن تي ۽ مون تي جيتري چاهين تنقيد ڪري سگهن ٿا ڇو ته هر ڪنهن جي پنهنجي راءِ هوندي آهي. هن چيو ته اها خراب ڳالهه آهي جڏهن اڳوڻا رانديگر نون رانديگرن کي نالو وٺي نشانو بڻائيندا آهن،
هر رانديگر جي عزت هوندي آهي ۽ سڀ کان وڌيڪ ملڪ جي عزت هوندي آهي. واضح رهي ته اڳوڻن ڪرڪيٽرن محمد رضوان ۽ بابر اعظم تي تنقيد ڪئي هئي، جنهن تي وڪيٽ ڪيپر ۽ ڪپتان پريس ڪانفرنس ۾ جواب ڏيندي ناراضگي جو اظهار ڪيو هن.