رانديون

وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر وحيده اختر، شاهين شاهه آفريدي وانگر بالنگ ڪرڻ جي خواهشمند

لاهور: پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر وحيده اختر پاڪستان جي اسٽار فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي وانگر بالنگ ڪرڻ جي خواهشمند آهي. پنجاب جي شهر چنيوٽ سان تعلق رکندڙ وحيده اختر کي پهرين ڪرڪيٽ کيڏڻ لاءِ فيصل آباد وڃڻو پيو ۽ پوءِ پاڪستان ٽيم ۾ شامل ٿيڻ جو خواب پورو ڪرڻ لاءِ لاهور هلي آئي. وحيده اختر ميڊيا کي ٻڌايو ته هوءَ ڪيمپ ۾ سخت محنت ڪري رهي آهي ۽ سندس ٽارگيٽ قومي ٽيم ۾ جاءِ ٺاهڻ آهي. عورت فاسٽ بالر چيو ته مان شاهين ساهه آفريدي وانگر اننگز جي شروعات ۾ وڪيٽون وٺڻ چاهيان ٿي، ڇاڪاڻ ته شاهين شاهه آفريدي جي بالنگ پاڪستاني ٽيم لاءِ تمام گهڻي فائديمند آهي، شاهين آفريدي وانگر مان به پاڪستان وومين ٽيم لاءِ مسلسل کيڏڻ چاهيان ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button