ڪراچي: انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ ميٿيو ماٽ چيو آهي ته پاڪستان سٺي راند جو مظاهرو ڪيو ۽ چوٿين ٽي-ٽوئنٽي ميچ کٽي سيريز 2-2 جي برابر ڪري ڇڏي. هن چيو ته مجموعي طور تي پنهنجي ٽيم جي رانديگرن جي ڪارڪردگيءَ مان مطمئن آهيان، ورلڊ ڪپ کي نظر ۾ رکندي اسان جوس بٽلر جي حوالي سان رسڪ نٿا وٺي سگهون.
ميچ کانپوءِ ميڊيا بريفنگ کي خطاب ڪندي هن چيو ته اها شاندار ميچ هئي، ماڻهن ڏاڍو مزو ورتو، اسان وٽ موقعو هو ته ميچ پنهنجي نالي ڪري سگهون، پاڪستاني ٽيم تمام سٺي راند کيڏي آهي، اسان جي رانديگرن به سٺي راند کيڏي، مان ڪافي مطمئن آهيان. هن چيو ته ورلڊ ڪپ کان اڳ اسان جوس بٽلر تي رسڪ وٺڻ نٿا چاهيون، جيڪڏهن بٽلر بهتر محسوس ڪيو ته آخري ميچ کيڏندو، ڪراچي جا مداح ساراهه جوڳا هئا، اسان سٺي ڪرڪيٽ کيڏي ماڻهن کي خوش ڪرڻ چاهيون ٿا. ڪافي عرصي کانپوءِ پاڪستان آيو آهيان ۽ ڪراچيءَ ۾ ڏاڍو مزو آيو.