ڪراچي: پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر حارث رئوف جو چوڻ آهي ته حسنين جي اوور ۾ جڏهن ليام ڊائوسن 24 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو ته سندس ذهن ۾ هڪ ئي ڳالهه هئي ته هو آخري رنس تائين هار نه مڃيندو ۽ پنهنجي ڪارڪردگي سو سيڪڙو ڏيڻي آهي. نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ جڏهن حارث رئوف اننگز جي 19هين اوور کي بالنگ ڪرڻ آيو ته انگلينڊ کي فتح لاءِ 12 بالن تي 9 رنسون گهربل هيون پر پوءِ راند تبديل ٿي وئي ۽ پاڪستان ٽن رنسن تان ڪاميابي حاصل ڪئي.
ميچ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي حارث رئوف چيو ته جنهن طرح ليام ڊائوسن بيٽنگ ڪري رهيو هو، ان جي خلاف هڪ پلان ٺاهيو هو ته سندس ڪمزوري کي ٽارگيٽ بڻائي بالنگ ڪجي، جنهن ۾ کيس فائدو ٿيو ۽ پوءِ ٽيل اينڊرز خلاف بهترين بالنگ ڪري ڪاميابي حاصل ڪئي. حارث رئوف جو چوڻ هو ته هو جڏهن بالنگ ڪرڻ آيو ته هن جي ذهن ۾ اهو هو ته هو آخري رنس تائين هار نه مڃيندو.