رانديون

هارائڻ کانپوءِ ميچ ختم نه ڪرڻ تي مايوسي ٿي آهي: ليام ڊائوسن

ڪراچي: انگلش ڪرڪيٽر ليام ڊائوسن جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ چوٿين ٽي-ٽوئنٽي ميچ ۾ هارائڻ کانپوءِ ميچ ختم نه ڪرڻ تي مايوسي ٿي آهي، هو پنهنجي غلطي مان سکندو ۽ مستقبل ۾ بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو. پاڪستان خلاف ميچ ۾ ليام ڊوسن 17 بالن تي 34 رنسون اسڪور ڪيون، هو اننگز جي 18 هين اوور ۾ محمد حسنين جي اوور ۾ 24 رنسون به ميڙيون پر پوءِ 19 هين اوور ۾ حارث رئوف هٿان آئوٽ ٿي ويو. نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ انگلينڊ جي ٽن رنسن جي شڪست کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ليام ڊائوسن چيو ته هو ميچ ختم نه ٿيڻ تي مايوس آهي ڇو ته سندس خيال آهي ته انگلينڊ کي هي ميچ کٽڻ گهرجي ها. هن چيو ته سيريز 2-2 تان برابر ٿيڻ کانپوءِ لاهور جون 3 ميچون انتهائي اهم ٿي ويون آهن جن ۾ سخت مقابلو ٿيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button