رانديون

ٽي-20 سيريز، پاڪستان ۽ انگلينڊ جون ٽيمون لاهور پهچي ويون، سڀاڻي ميچ ٿيندي

لاهور: پاڪستان ۽ انگلينڊ جون ڪرڪيٽ ٽيمون ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ 4 ٽي-ٽوئنٽي ميچون کيڏڻ کانپوءِ لاهور پهچي ويون آهن. رانديگرن کي هڪ ئي وقت سخت سيڪيورٽي ۾ هوٽل کان ڪراچي ايئرپورٽ جي ٽرمينل ون تي پهچايو ويو، بعد ۾ ٽيمن کي خاص جهاز ذريعي ڪراچي کان لاهور پهچايو ويو. پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ٽيمن پي آءِ اي جي خاص اڏام پي ڪي 6312 ذريعي سفر ڪيو. لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچ کيڏيا ويندا. پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ 7 ٽي-ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پنجين ميچ 28 سيپٽمبر ۽ ڇهين ميچ 30 سيپٽمبر تي کيڏي ويندي ۽ ٻئي ٽيمون سيريز جي آخري ميچ ۾ 2 آڪٽوبر تي قذافي اسٽيڊيم ۾ آمهون سامهون ٿينديون.

لاهور پوليس جي چيف غلام محمود ڊوگر جو چوڻ آهي ته لاهور پوليس 17 سالن کانپوءِ انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم کي لاهور اچڻ تي ڀليڪار ڪري ٿي. هن چيو ته لاهور جي دوري دوران انگلينڊ ۽ قومي رانديگرن، آفيشلز ۽ ڪرڪيٽ جي مداحن کي مڪمل سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي، ٽن ٽي-ٽوئنٽي ميچن دوران 08 هزار کان وڌيڪ پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويندا. سي سي پي او لاهور چيو ته ٽيمن جي ايئرپورٽ کان هوٽل ۽ اسٽيڊيم تائين آمدورفت دوران سيڪيورٽي ۽ ٽريفڪ جا انتظام مڪمل ڪيا ويندا، جڏهن ته ٽيمن جي رستن، رهائش ۽ اسٽيڊيم جي سي سي ٽي وي ڪيمرائن جي مدد سان مسلسل نگراني ڪئي ويندي. سي سي پي او لاهور غلام محمود ڊوگر وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ انگلينڊ ٽي-20 ڪرڪيٽ سيريز کي نظر ۾ رکندي سڄي شهر ۾ سرچ اينڊ سوئپ آپريشن پڻ ڪيو پيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button