لاهور: قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم فاسٽ بالر حارث رئوف کي مسلسل کيڏارڻ تي تنقيد ڪئي آهي. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي وسيم اڪرم چيو ته حارث رئوف کي ايتريون ميچون کيڏارڻ هن کي ٽوڙڻ جي برابر هوندو؟ حارث رئوف سڄو ايشيا ڪپ اهڙي گرمي ۾ کيڏيو، پوءِ ڪراچي ۾ انگلينڊ خلاف سيريز ۾ اهي سڀئي ميچون کيڏيون، کيس هڪ وقفي جي ضرورت آهي، ورلڊ ڪپ تائين پنهنجي بالرن ۾ جان رکڻ به ضروري آهي.
وسيم اڪرم حارث رئوف کي بريڪ ڏيڻ جي صورت ۾ حل ٻڌائيندي چيو ته جيڪو به بالر اسڪواڊ ۾ هوندو توهان کي ان کي فيڊ ڪرڻو پوندو ڇو ته اهو روٽيشن ضروري آهي. سوئنگ سلطان چيو ته جيتوڻيڪ ٽي-20 جون 7 ميچون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون، جيڪي رڳو 20 اوورن جون آهن پر اها تمام تيز راند آهي جنهن ۾ ڪو وقفو ناهي.