رانديون

بابر اعظم جي والد طرفان ننڍڙي مداح جي خواهش پوري ڪرڻ جو واعدو

لاهور: قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم جي والد هڪ ننڍڙي مداح جي خواهش پوري ڪرڻ تي رضامندي ظاهر ڪري ڇڏي آهي. قومي بيٽسمين بابر اعظم جو والد اعظم صديقي سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي ڪافي سرگرم آهي، ان ڪري مداح به قومي ٽيم جي ڪپتان بابر جي والد سان ملاقات جي خواهش جو اظهار ڪري رهيا آهن. ڪالهه پاڪستان ۽ انگلينڊ سيريز برابر ٿيڻ کانپوءِ اعظم صديقي پنهنجي پيغام سان تصوير شيئر ڪئي ۽ ڪيپشن جي آخر ۾ “پاڪستان زنده باد” جو نعرو به لکيو.

ان پوسٽ تي هڪ عورت تبصرو ڪندي چيو ته منهنجو 6 سالن جو پٽ بابر سان ملڻ چاهي ٿو، اسان سندس اها خواهش ڪيئن پوري ڪري سگهون ٿا؟ جنهن تي بابراعظم جي والد ننڍڙي مداح جي خواهش پوري ڪرڻ جو واعدو ڪندي جواب ڏيندي چيو ته هڪ فرشتو بابر سان ملڻ چاهي ٿو، ان کان وڌيڪ بابر جي قسمت ڪهڙي هوندي؟

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button