رانديون

لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ اڄ دنگل ٿيندو

لاهور: پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ پنجين ٽي-ٽوئنٽي ميچ اڄ کيڏي ويندي. ٻنهي ٽيمن جي رانديگرن ڪالهه قذافي اسٽيڊيم ۾ پريڪٽس ڪئي. پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ 7 ميچن تي ٻڌل سيريز جي پنجين ٽي-ٽوئنٽي ميچ اڄ لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي. ٽنهي ميچن ۾ شاداب خان ۽ نسيم شاهه ٽيم جو حصو هوندا. پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ٽيمن ڪالهه قذافي اسٽيڊيم ۾ پريڪٽس پڻ ڪئي. سيريز جي رهيل ٽنهي ميچن لاءِ ٻه پچون تيار ڪيون ويون آهن، جيڪي بيٽنگ لاءِ موزون نظر اچن ٿيون پر انهن پچن تي اسپنرز جو ڪردار تمام اهم ٿي سگهي ٿو. اهي پچون تجربيڪار هيڊ ڪيورٽر آغا زاهد جي نگراني ۾ تيار ڪيون ويون آهن.

قذافي اسٽيڊيم ۾ هن وقت تائين جو سڀ کان وڏو ٽي-ٽوئنٽي اسڪور پاڪستان ورلڊ اليون جي خلاف 5 وڪيٽن جي نقصان تي 197 رنسون ٺاهيون آهن، جڏهن ته گهٽ ۾ گهٽ اسڪور پاڪستان سريلنڪا خلاف 101 رنسون ٺاهيون آهن. قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستاني ٽيم 176 رنسن جي مجموعي اسڪور تي ميچ کٽي ورتي هئي. اها ٻي اننگز ۾ ٺاهيل سڀ کان وڌيڪ اسڪور آهي. پاڪستاني ٽيم کي قذافي اسٽيڊيم ۾ 126 رنسن جي اسڪور جو ڪاميابي سان دفاع ڪرڻ جو اعزاز به حاصل آهي. پهرين اننگز جو سراسري اسڪور 161 ۽ ٻي اننگز ۾ 147 آهي. هن گرائونڊ تي ڪل 18 ميچون کيڏيون ويون، جن مان پهرين بيٽنگ ڪندڙ 10 ٽيمن فتح حاصل ڪئي. 8 ڀيرا پهرين بالنگ ڪندڙ ٽيمن سرسي حاصل ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button