رانديون

مهمان پروٽيز ٽيم کي شڪست ڏئي سيريز جي شروعات ڪبي: ويرات ڪوهلي

نئين دهلي:: ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي مشهور بيٽسمين ۽ اڳوڻي ڪپتان ويرات ڪوهلي چيو آهي ته مهمان پروٽيز ٽيم کي پهرين ميچ ۾ شڪست ڏئي ٽي-ٽوئنٽي سيريز جي فتح سان شروعات ڪنداسين. هن چيو ته ٽيم ڏکڻ آفريڪي ٽيم خلاف ٽي-ٽوئنٽي سيريز لاءِ ڀرپور تياري ڪري ورتي آهي. هن چيو ته تازو ٽي-ٽوئنٽي سيريز ۾ ڪينگروز خلاف 1-2 جي فتح کانپوءِ سندس ٽيم جو مورال بلند آهي پر ان باوجود سندس ٽيم پروٽيز خلاف سيريز جي پهرين ميچ کان اڳ ڀرپور تياري ڪري رهي آهي. هن چيو ته سندس ٽيم ۾ اهڙا رانديگر موجود آهن جيڪي ڪنهن به وقت ميچ جو رخ موڙڻ جي صلاحيت رکن ٿا.

پنهنجي هڪ بيان ۾ 33 ورهين جي ويرات ڪوهلي چيو ته هو پروٽيز خلاف پهرين ٽي-ٽوئنٽي ميچ ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندي پنهنجي ٽيم جي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. ڪوهلي وڌيڪ چيو ته هو مڪمل طور تي فٽ آهي ۽ دوري واري ٽيم خلاف ٽن ميچن تي ٻڌل ٽي-ٽوئنٽي سيريز جي پهرين ميچ ۾ شرڪت لاءِ بيتاب آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پهرين ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪي ٽيم کي شڪست ڏيڻ کانپوءِ هو ٽن ميچن جي سيريز جي شروعات فتح سان ڪندا. هن پنهنجي ٽيم کي خبردار ڪندي چيو ته سيريز ۾ ڪاميابي لاءِ ٽيم کي ٽنهي شعبن ۾ سئو سيڪڙو ڪارڪردگي ڏيکارڻي پوندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button