رانديون

ايشيا ڪپ 2022 ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم بنگلاديش رواني

لاهور: پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل (اي سي سي) وومين ايشيا ڪپ 2022 ۾ شرڪت لاءِ بنگلاديش روانو ٿي وئي آهي. ڪپتان بسمه معروف جي اڳواڻي ۾ پاڪستاني ٽيم دبئي ذريعي بنگلاديش روانو ٿي وئي. جتي ٽيم اي سي سي وومين ٽي-20 ايشيا ڪپ ۾ شرڪت ڪندي. ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جو وومين ايشيا ڪپ پهرين آڪٽوبر کان سلهٽ ۾ کيڏيو ويندو.

ٽيم جي بنگلاديش روانگي جي موقعي تي وومين ايشيا ڪپ ۾ سٺي ڪارڪردگي جو عزم ظاهر ڪندي ڪپتان بسمه معروف چيو ته ايونٽ لاءِ بهترين تياريون ڪيون آهن، وومين ٽيم ايشيا ڪپ ۾ سٺا نتيجا ڏيندي. بسمه معروف چيو ته هن ايونٽ ۾ کيڏڻ سان ايندڙ سال ورلڊ ڪپ لاءِ سٺي تياري ٿيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button