رانديون

انگلينڊ جي پاڪ-ڀارت ٽيسٽ ميچ جي ميزباني جي خواهش، ڀارت آڇ رد ڪري ڇڏي

لاهور: انگلش ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ٽيسٽ سيريز جي ميزباني جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي آهي. عالمي ميڊيا رپورٽ موجب پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ جاري ٽي-20 سيريز دوران انگلش ڪرڪيٽ بورڊ جي ڊپٽي چيئرمين پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي آفيسرن سان ملاقات ڪئي. ان ملاقات ۾ انگلش ڪرڪيٽ بورڊ (اي سي بي) جي ڊپٽي چيئرمين پاڪ-ڀارت ٽيسٽ سيريز جي ميزباني جي خواهش جو اظهار ڪندي چيو ته هو چاهي ٿو ته ڀارت-پاڪستان تاريخي ٽيسٽ سيريز جي ميزباني ڪن، پاڪ-ڀارت ميچون تمام گهڻو پئسو آڻين ٿيون.

انگلش بورڊ جي ڊپٽي چيئرمين ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي ميزباني جي خواهش جو اظهار ڪندي چيو ته اهي ميچون برمنگهم ۽ ايج بيسٽن جي اسٽيڊيمز ۾ کيڏي سگهجن ٿيون. اي سي بي جي ڊپٽي چيئرمين واضح ڪيو ته پاڪستان ۽ آسٽريليا جون ٽيمون انگلينڊ جي سرزمين تي ٽيسٽ ميچون کيڏيون آهن. هوڏانهن پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ٽيسٽ سيريز جي انگلش ڪرڪيٽ بورڊ جي آڇ تي ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي آ) جو ردعمل سامهون اچي ويو.

ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ انگلش ڪرڪيٽ بورڊ طرفان پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ٽيسٽ سيريز جي آڇ ڪئي هئي، جنهن کي ڀارتي بورڊ سختي سان رد ڪري ڇڏيو آهي. بي سي سي آءِ جي هڪ آفيسر پنهنجي بيان ۾ چيو ته پاڪستان خلاف سيريز جو فيصلو حڪومت ڪندي ۽ موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي ان جو ڪو به امڪان ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button