رانديون

ريسلنگ جي دنيا جو وڏو نالو انتونيو انوڪي وڇڙي ويو

ريسلنگ جي دنيا جو وڏو نالو انتونيو محمد حسين انوڪي 79 سالن جي ڄمار ۾ مداحن کان وڇڙي ويو آهي. ميڊيا مطابق ليجنڊ طور سڃاتو ويندڙ ريسلر انوڪي جي موت جو اعلان جاپاني ڪمپني سوشل ميڊيا تي ڪيو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ نيو جاپان پرو ريسلنگ جي باني جي لاڏاڻي تي وزيراعظم شهباز شريف پاران بھ ڏک جو اظهار ڪيو آهي. جڏهن تھ نيو جاپان پرو ريسلنگ انوڪي جي ڪاميابين جو ذڪر فخريا انداز ۾ ڪيو آهي.

انوڪي جو اڪرم پهلوان سان مقابلي جو ڏيک

ٻڌايو وڃي ٿو تھ محمد حسين انوڪي 60 جي ڏهاڪي ۾ اڀريو، ليجنڊ باڪسر محمد علي سان ٿيل فائيٽ صدي جو وڏو مقابلو قرار، جيڪو 15 رائونڊز تائين ٿيو ۽ بنا نتيجي ختم ڪيو ويو. ڊسمبر 1976ع ۾ انتونيو انوکي پاڪستاني پهلوان اڪرم کي شڪست ڏني، جنهن بعد ۾ 1979ع ۾ اڪرم پهلوان جي ئي ڀائيٽي جهارا پهلوان مات ڏني.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button