قطر جي حڪومت فٽبال ورلڊ ڪپ دوران شوقينن خاطر ڪرونا ويڪسين جو شرط ختم ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق قطر جي حڪومت فٽبال جي مداحن کي رليف ڏيندي ڪرونا پروٽوڪولز نرم ڪيا آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ هڪ اندازي موجب ۾ ايونٽ ۾ 10 لک مداح شريڪ ٿيندا، جن کي رليف ڏنو ويو آهي. قطر جي صحت واري وزارت جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي تھ ڪرونا ڪيسن ۾ ٻيهر اضافو ٿيو تھ رانديگرن ۽ آفيشلز کي ببل ۾ موڪلي سگهجي ٿو ۽ ڀڃڪڙي ڪندڙن کي ٻاهر ڪڍيو ويندو. هوڏانهن فيفا جي گورننگ باڊي جي بيان ۾ چيو ويو آهي تھ هي ميگا ايونٽ هوندو، جيڪو علامت آهي تھ دنيا مان ڪرونا گهٽتائي آئي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close