جميڪا تلاوا ٽيون ڀيرو ڪيريبيئن پريميئر ليگ جي چيمپيئن بڻجي وئي آهي. ميڊيا مطابق بارباڊوس رائلز جي ٽيم 7 وڪيٽن تي 161 رنسون ٺاهيون، جنهن جي جواب ۾ جميڪا تلاوا 2 وڪيٽن تي 17 اوور ۾ هدف پورو ڪري ڏيکاريو ۽ ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ برينڊن ڪنگ جي 83 رنسن جي مدد سان جميڪا تلاوا ٽائيٽل کٽڻ ۾ ڪاميابي ماڻي ورتي آهي. بارباڊوس رائلز جي اعظم خان 51 رنسون ضايع، فيبيان ايلن ۽ نڪولس گورڊن 3،3 شڪار ڪيا آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close