رانديون

دنيا جي بهترين ٽيم ناهيون، غلطيون ڪيون پيا ۽ ڪنداسين: رميز راجا

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين رميز راجا تسليم ڪيو آهي تھ اسين دنيا جي بهترين ٽيم ناهيون، غلطيون ڪيون پيا ۽ اڃا بھ غلطيون ڪنداسين. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي رميز راجا جو چوڻ هو تھ پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم تي تنقيد ڪندڙن کي مشورو ڏيان ٿو تھ اهي اسان تي هٿ هلڪو رکن، اسان جي ٽيم ۾ ڪو هڪ ميچ ونر ناهي، پر هتي ڪيترائي رانديگر ميچ ونر هوندا آهن، تنهنڪري ٽيم کي مايوس نھ ڪيو. هن جو چوڻ هو تھ هي ٽيم ملڪ کي هڪٻئي سان جوڙي رهي آهي، اها چهرن تي مسڪراهٽون آڻي پئي، اسٽيڊيم ۾ تماشائين جو اچڻ ان جو ثبوت آهي. هن چيو تھ بابر، رضوان ۽ شاهين جهڙا رانديگر ٺاهڻا آهن، اسان وٽ آيل عظيم ماڻهو طريقيڪار تحت ناهن آيا، تنهنڪري گهٽ وڌائي ٿيندي، جڏهن بھ طريقيڪار تحت ماڻهو اچڻ شروع ٿيا تھ ٽيم ۾ تسلسل اچي ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button