ڀٽ شاهه: سنڌ جي ڀلوڙ نوجوان ملھه پهلوان غلام حسين پٺاڻ چيو آهي ته ثقافت کاتو ملهه پهلوانن کي تمام گهڻو نظرانداز ڪري رهيو آهي، انگريزي راندين کي اڳتي آڻي حڪومت انهن جي سپورٽ ڪري رهي آهي، ملاکڙو سنڌ جي ثقافتي ۽ قديمي پهلوان سنڌ جو اثاثو ۽ نمائندا آهن، انهن کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي، اسان کي سپورٽ صرف عوام جي طرفان آهي، حڪومت جي طرفان خاص ڪري ثقافت کاتي جي طرفان ڪا به سپورٽ نه آهي، ملھه پهلوان سنڌ جا قيمتي اثاثا آهن، انهن جو قدر ڪيو وڃي، غلام حسين پٺاڻ انٽرويو ۾ وڌيڪ چيو ته آئون خانداني پهلوان آهيان تعلق سانگهڙ سان آهي منهنجو والد ۽ چاچو به پهلوان رهيا آهن، منهنجو والد تقريبن 40 سال پهلوان رهيو، سئوٽ به پهلوان هئا، هن وقت صرف آئون پهلواني ۾ آهيان، مون 2014 ۾ پهلواني جي شروعات ڪئي، مون کي هن وقت 7 کان 8 سال ٿيا آهن.
هن چيو ته افغانستان ۽ ايران ۾ سنڌ جي نمائندگي ڪري چڪو آهيان، سنڌ جو ملھه پهلوان ٿي ويو هيس، روس جو پروگرام ٿيو پر ڪرونا وبا جي ڪري نه وڃي سگهيس، يقين سان چوان ٿو ته اڄ منهنجو ملاکڙو 10 کان 12 ملڪن ۾ ماڻهو ڏسن ٿا، ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ هڪ انگريز يوٽيوب تي ملاکڙو ڏسي رابطو ڪري ملڻ ۽ ملاکڙو ڏسڻ لاءِ هتي پهچي ويو، نوجوان ملھه پهلوان غلام حسين پٺاڻ چيو ته اسان لا تمام خوشي جي ڳالھه آھي ته اسان پنهنجي ثقافتي راند کي اڄ دنيا ليول تي پهچائي ڇڏيو آهي.