رانديون

پاڪستان، نيوزيلينڊ ۽ بنگلاديش ٽي-ٽوئنٽي سيريز جي ٽرافي جي پڌرائي

ڪرائسٽ چرچ: پاڪستان، نيوزيلينڊ ۽ بنگلاديش وچ ۾ کيڏي ويندڙ ٽي-ٽوئنٽي سيريز جي ٽرافي جي پڌرائي ڪئي وئي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) ٽه ملڪي سيريز جي ٽرافي جون تصويرون پنهنجي آفيشل ٽوئيٽر اڪائونٽ تي شيئر ڪيون، جنهن ۾ ڪپتان بابر اعظم، ڪيوي ڪپتان ڪين وليمسن ۽ بنگلاديش جو وقتي ڪپتان نور الحسن کي ڏسي سگهجي ٿو. ٽنهي ڪپتانن ٽرافي سان گڏ ڪرائسٽ چرچ جي مختلف هنڌن تي تصويرون ڪڍرايون. ان کان اڳ قومي ٽيم ٽي ملڪي سيريز ۾ شرڪت لاءِ اڱاري ڏينهن ڪرائسٽ چرچ پهتي هئي. پاڪستان پنهنجي پهرين ميچ 7 آڪٽوبر تي بنگلاديش خلاف کيڏندو، ٽي-ٽوئنٽي سيريز جي پڄاڻي تي قومي ٽيم 16 آڪٽوبر کان شروع ٿيندڙ ٽي-20 ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت لاءِ آسٽريليا رواني ٿيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button