
ويمن ايشيا ڪپ ٽي 20 جي جاري مقابلن ۾ بنگلاديش جي ٽيم 88 رنسن تان ملائشيا کي شڪست ڏئي پوزيشن بهتر ڪري ورتي آهي. ميڊيا مطابق بنگلاديش 5 وڪيٽن تي 129 رنسون ٺاهي ملائشيا کي هدف ڏنو، جنهن جي جواب ۾ ملائشيا جي ٽيم رڳو 41 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي ۽ ڪوبھ بيٽر ڊبل فگر ۾ نھ آيو.