
آسٽريليا جي ڪرڪيٽ بورڊ آل رائونڊر مارڪس اسٽوئنس، بالر ڪين رچرڊسن ۽ اسپنر آشٽن ايگر کي انگلينڊ خلاف ٽي 20 سيريز ۾ اسڪواڊ جو حصو بڻائي ورتو آهي. ميڊيا مطابق مارڪس اسٽوئنس زخمي هجڻ، ڪين رچرڊسن ۽ آشٽن ايگر آرام سبب ويسٽ انڊيز خلاف سيريز ۾ اسڪواڊ جو حصو نھ بڻايا ويا هئا.