رانديون

ويسٽ انڊيز جو ڪرڪيٽر راخيم ڪورنوال ٽي-20 ۾ ڊبل سينچري هڻي ويو

ويسٽ انڊيز جا ڪرڪيٽر شاهي ڇڪا لڳائڻ ۽ وڏي اننگز کيڏڻ جا ماهر سمجهيا ويندا آهن، اهڙي ئي هڪ ٿلهي متاري ويسٽ انڊين اوپنر راخيم ڪورنوال ٽي ٽوئنٽي فارميٽ ۾ ڊبل سينچري هڻي سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. ڪورنوال آمريڪي ٽي ٽوئنٽي ليگ ۾ ايٽلانٽا فائر جي نمائندگي ڪندي مخالف ٽيم اسڪوائر ڊرائيو جي بالرن کي ڌوئي ڇڏيو، هن رڳو 77 بالن تي 22 ڇڪن ۽ 17 چوڪن جي مدد سان 205 رنسون ٺاهيون ۽ ناٽ آئوٽ رهيو، ڪورنوال جي طوفاني بئٽنگ جي مدد سان ايٽلانٽا فائر ٽيم 20 اوورن ۾ هڪ وڪيٽ وڃائي 326 رنسن جو جبل ٺاهيو. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي ٽي ٽوئنٽي ليگ آءِ سي سي کان منظور ٿيل ناهي، تنهنڪري ڪورنوال جي ڊبل سينچري اننگز عالمي رڪارڊ طور ٽي ٽوئنٽي ۾ شمار نه ڪئي ويندي. واضح رهي ته ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڏي اننگز جو رڪارڊ ويسٽ انڊيز جي ئي ڪرس گيل جي نالي آهي، جنهن آءِ پي ايل ۾ پوني واريئرز خلاف 175 رنسن جي اننگز کيڏي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button