رانديون

پاڪستان جي ٽھ ملڪي سيريز ۾ ڪامياب شروعات، بنگلاديش کي شڪست

پاڪستان ٽھ ملڪي سيريز ۾ ڪامياب شروعات ڪندي پنهنجي پهرين ميچ ۾ بنگلاديش کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق نيوزيلينڊ جي شهر ڪرائيسٽ چرچ ۾ کيڏيل پهرين ميچ ۾ پاڪستان بنگلاديش کي 21 رنسن تان هارايو آهي. جڏهن تھ محمد رضوان 78 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. اهڙي ريت ٽيم جو مڊل آرڊر ٻيهر ناڪام رهيو آهي، ڪپتان بابراعظم 22، شان مسعود 31، افتخار احمد 13 ۽ حيدر علي 6 رنسون ٺاهي 167 رنسون ڪيون. هوڏانهن  بنگلاديشي بيٽر 20 اوورن ۾ 146 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويا، جن مان لٽن داس 35، عفيف حسين 25، ياسر علي ڀرپور مزاحمت ڪندي 42 رنسن جي اننگز کيڏي آهي. اوپنر مهدي حسن ميراز 10 ۽ صابر الرحمان 14 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويا. پاڪستاني بالرن مان محمد وسيم 3، نواز 2، ڏاهاڻي، حارث رئوف ۽ شاداب خان هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي. بنگلاديشي بالرن مان تسڪين احمد 2 وڪيٽون ورتيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button