
پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم عاقب جاويد جي ڪيل تنقيد جي جواب ۾ چيو آهي تھ عاقب جي مون کي اهڙي ڄاڻ هجي ها تھ ٽيم ۾ کيڏڻ ئي نھ ڏيان ها. ميڊيا مطابق ٽي وي شو ۾ ميزبان احسن خان جي سوال تھ عاقب جاويد چوي ٿو تھ وسيم اڪرم جي ڪپتاني ۾ کيڏي نھ سگهندو هئس جي جواب ۾ وسيم اڪرم چيو تھ رٽائرمينٽ کي 20 سال ٿي ويا، پر هي ماڻهو ٽي وي تي اچي ڪجهه بھ چئي ويندا آهن، مهرباني ڪري انهن کي چپ ڪرايو.