رانديون

نيوزيلينڊ جي ٽيم ٻن مرحلن ۾ پاڪستان ايندي، شيڊول جاري

نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم جي پاڪستاني دوري جو شيڊول جاري ڪيو ويو آهي، جنهن تحت مهمان ٽيم ٻن مرحلن ۾ پاڪستان ايندي، جتي اها 2 ٽيسٽ، 8 ون ڊي ۽ 5 ٽي 20 ميچ کيڏندي. ميڊيا مطابق پي سي بي مهمان ٽيم جي دوري جو تفصيلي شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تحت ڪيوي رانديگر ڊسمبر ۾ پاڪستان پهچندا. جڏهن تھ ڊسمبر جي 27 کان 15 جنوري تائين جي پهرين مرحلي ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم 2 ٽيسٽ ۽ 3 ون ڊي ميچ کيڏندي، جن مان 2 ٽيسٽ ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جو حصو هونديون. پهرين ٽيسٽ 27 کان 31 ڊسمبر تائين ڪراچي ۽ ٻي ٽيسٽ 4 کان 8 جنوري تائين ملتان ۾ کيڏي ويندي. جڏهن تھ ون ڊي ميچ 11، 13 ۽ 15 جنوري تي ڪراچي ۾ ٿيندا. ٻئي مرحلي ۾ 13 اپريل کان 7 ئي تائين پاڪستان ۾ 5 ون ڊي ۽ 5 ٽي 20 ميچن سان دورو مڪمل ڪيو ويندو. پي سي بي موجب هن مرحلي جا 4 شروعاتي ٽي 20 ميچ ڪراچي ۾ کيڏيا ويندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button