رانديون

عميما جون 5 وڪيٽون، پاڪستان هٿان سريلنڪا کي شڪست

ويمن ايشيا ڪپ جي ميچ ۾ پاڪستان جي بالر عميما سهيل 5 وڪيٽون وٺي سريلنڪا جي بيٽنگ لائين تباهه ڪري پنهنجي ٽيم کي 5 وڪيٽن تان ڪاميابي ڏياري ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق سريلنڪا ويمن جي سڄي ٽيم 112 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، جنهن ۾ ڪپتان چماري اتاپٽو 41 رنسن سان نمايان رهي. حيسني پريرا 18 رنسن جي اننگز کيڏي، پر 5 بيٽر ڊبل فگر ۾ بھ نھ اچي سگهيون. پاڪستان 19 اوور ۾ 5 وڪيٽن تي 113 رنسن جو هدف پورو ڪري ورتو، جنهن ۾ ندا ڊار 26 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهي. جڏهن تھ بالرن ۾ عميما سهيل کي پليئر آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button