رانديون

آ سي سي ٽي-20 رينڪنگ ۾ محمد رضوان جي پهرين پوزيشن برقرار

دبئي: انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ٽي-20 رينڪنگ ۾ محمد رضوان جي پهرين پوزيشن برقرار رکي وئي آهي. آءِ سي سي جي تازي جاري ڪيل رينڪنگ موجب ٽي-ٽوئنٽي رينڪنگ ۾ محمد رضوان پهرين نمبر تي آهي، جڏهن ته ڀارت جو سوريا ڪمار ياديو ٻئين ۽ ڪپتان بابر اعظم ٽئين نمبر تي آهي. آءِ سي ٽي-20 بالرن ۽ آل رائونڊرز جي رينڪنگ ۾ ڪو به پاڪستاني رانديگر شامل ناهي پر شاداب خان 14 هين نمبر تي آهي. رينڪنگ ۾ محمد رضوان 853 رينڪنگ پوائنٽس سان پهرئين، سوريا ڪمار 838 سان ٻئين، بابر اعظم 808 سان ٽئين، ڊيون مارڪرم 777 سان چوٿين ۽ ڊيون ڪانوي 760 پوائنٽس سان پنجين نمبر تي آهي. بالرن جي رينڪنگ ۾ آسٽريليا جو جوش هيزل ووڊ پهرئين نمبر تي برقرار آهي جڏهن ته راشد خان ٻئين، حسرانگا ٽئين، شمس تبريزي چوٿين ۽ مهيش ٿڪشنا پنجين نمبر تي موجود آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button