رانديون

ٽي-ٽوئنٽي سيريز، نيوزيلينڊ 48 رنسن تان بنگال کي شڪست ڏئي فائنل ۾ پهچي ويو

ڪرائسٽ چرچ: نيوزيلينڊ ٽه ملڪي ٽي-ٽوئنٽي سيريز جي پنجين ميچ ۾ بنگلاديش کي 48 رنسن تان شڪست ڏئي فائنل ۾ پهچي ويو آهي. ڪرائسٽ چرچ ۾ کيڏيل ميچ ۾ بنگلاديش ٽاس کٽي نيوزيلينڊ کي بيٽنگ جي دعوت ڏني، ڪيوي ٽيم مقرر 20 اوورن ۾ 208 رنسون ٺاهيون. ڪيويز طرفان ڊيون ڪانوي 64 رنسون ۽ گلين فلپس 60 رنسن جي اننگز کيڏي، جڏهن ته فن ايلن 19 بالن تي 32 ۽ مارٽن گپٽل 34 رنسون ٺاهي نمايان رهيو. اننگ جي آخري لمحن ۾ گلين فلپس 19 بالن تي 5 ڇڪن ۽ هڪ چوڪن جي مدد سان 50 رنسون ٺاهي ٽيم جو اسڪور 208 رنسن تائين پهچايو.

بنگلاديش طرفان محمد سيف الدين ۽ عبادت حسين 2-2 جڏهن ته شريف الاسلام هڪ وڪيٽ ورتي. هدف جي تعاقب ۾ بنگلاديشي ٽيم جي شروعات سٺي نه رهي، مقرر 20 اوورن ۾ بنگال ٽائيگرز ٽيم 7 وڪيٽن جي نقصان تي 160 رنسون ئي ٺاهي سگهيا. اوپنر نجم الحسن شنٽو 11، لٽن داس 23، سوميا سرڪار 23، عفيف حسين 4، نورالحسن 2 رنسون ٺاهيون. ڪپتان شڪيب الحسن 44 بالن تي 70 رنسون ٺاهي مزاحمتي اننگز کيڏي جنهن ۾ 8 چوڪا ۽ هڪ ڇڪو شامل هو. ڪيوي بالرن طرفان ايڊم ملني 3، ٽم سائوٿي ۽ مچل بريسول 2-2 وڪيٽون ورتيون. واضح رهي ته بنگلاديش ٽيم هن وقت تائين ڪو به ميچ کٽڻ ۾ ناڪام رهي آهي، ٽه ملڪي سيريز جي آخري ميچ ۾ بنگلاديش اڄ پاڪستان سان مقابلو ڪندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button