رانديون

نواز پاڪستان کي فتح ڏياري ڇڏي، بنگلاديش آخري ميچ بھ هارائي ويو

پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم ٽي 20 ٽھ ملڪي سيريز جي آخري رائونڊ ميچ ۾ بنگلاديش کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي، جنهن ۾ محمد نواز جارحاڻي بيٽنگ ڪندي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. ميڊيا مطابق ڪرائيسٽ چرچ ۾ ٽھ ملڪي سيريز جي ميچ ۾ بنگلاديش 173 رنسون ڪيون، جنهن بعد پاڪستان وڏي اعتماد سان 7 وڪيٽن تان ڪاميابي ماڻي آهي. بنگلاديش جون ٻھ وڪيٽون سوميا سرڪار 4 ۽ نجم الحسن 12 رنسن تي پاور پلي جي آخري اوور ۾ ڪري پيون، جنهن بعد لٽن داس کي ٻھ موقعا مليا تھ ان جارحاڻي بيٽنگ ڪندي 2 ڇڪن ۽ 6 چوڪن سان 42 بالن تي 69 رنسن جي اننگز کيڏي آئوٽ ٿي ويو، سندس ساٿ ۾ ڪپتان شڪيب الحسن بيٺو، جنهن 3 ڇڪن 7 چوڪن ذريعي 68 رنسن جي اننگز کيڏي، پر ٻنهي جي آئوٽ ٿيڻ بعد افيف حسين، نورالحسن ۽ ٻِين ٻوٽو نھ ٻاريو. جڏهن تھ بنگلاديش 6 وڪيٽن تي 173 رنسون ٺاهي پاڪستان کي هدف ڏنو، جنهن جي جواب ۾ پاڪستان آخري اوور ۾ 177 رنسن سان هدف ماڻيو، جنهن ۾ محمد رضوان 69 رنسن ۽ ڪپتان بابراعظم 55 رنسن سان 101 رنسن جي ڀائيواري ٺاهي آئوٽ ٿي ويا، حيدر علي ٻڙي تي ويو. جڏهن تھ محمد نواز 20 بالن تي هڪ ڇڪي ۽ 5 چوڪن جي مدد سان 45 رنسون ٺاهي ٽيم کي ڪاميابي ڏياري ڇڏي. پاڪستاني بالرن مان نسيم شاهه ۽ محمد وسيم 2،2 وڪيٽون ورتيون. محمد رضوان کي پليئر آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button