
ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ زخمي بالر جسپريت ڀمراهه جي جڳهه تي محمد شمي کي ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي اسڪواڊ ۾ باضابطا طور شامل ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جسپريت ڀمراهه جي اسڪواڊ مان ٻاهر ٿيڻ جو اعلان ڪيو آهي. بي سي سي آئي موجب اسڪواڊ ۾ شيردل ٺاڪر ۽ محمد سراج بيڪ اپ ۾ کنيا ويا آهن. ياد رهي تھ محمد شمي گذريل ورلڊ ڪپ کيڏڻ بعد ٽي 20 ٽيم جو حصو نھ رهيو آهي، پر سندس تجربي کي سامهون رکي اسڪواڊ ۾ کنيو ويو آهي.