رانديون

نيوزيلينڊ کي شڪست، نواز ۽ حيدر پاڪستان کي ٽھ ملڪي سيريز کٽرائي ڇڏي

پاڪستان ميزبان نيوزيلينڊ کي ٽه ملڪي سيريز ۾ 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽرافي پنهنجي نالي ڪري ورتي آهي. جڏهن تھ محمد نواز ۽ حيدر علي جي جارحاڻي راند ڪاميابي ۾ مک ڪردار ادا ڪيو آهي. ميڊيا مطابق ڪرائيسٽ چرچ ۾ کيڏيل ٽھ ملڪي سيريز جي فائنل ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم ڪپتان ڪين وليمسن جي 59، گلين فلپس جي 29، مارڪ چيمپچن جي 25 رنسن جي مدد سان 7 وڪيٽن تي 163 اسڪور ڪيو، جنهن دوران وڏي اسڪور کان بچائڻ خاطر پاڪستاني بالرن آخري 5 اوورن ۾ ڪيوي بيٽرن کي سوڙهو ڪري 33 رنسن عيوض 4 وڏيون وڪيٽون ورتيون آهن،

پاڪستاني رانديگر ايوارڊ ڏيکاري رهيا آهن

جن ۾ نسيم شاهه 2، حارث رئوف 2،2 جڏهن تھ شاداب خان ۽ محمد نواز هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي آهي. 164 رنسن جي هدف آڏو پاڪستان جي شروعات سٺي نھ رهي، ڪپتان بابراعظم 15، محمد رضوان 34 ۽ شان مسعود 19 رنسن تي آئوٽ ٿي ويا، بعد ۾ محمد نواز اچي فتح جا بنياد رکيا. ان موقعي تي ڇڪن ۽ چوڪن سان محمد نواز 38 ۽ حيدر علي 31 رنسون ٺاهيون، جنهن سان ٽيم 168 رنسن سان 5 وڪيٽن تان ڪاميابي ماڻي. نيوزيلينڊ جي بالرن مان مچل براسويل 2، ٽم سائودي ۽ اش سوڍي هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button