
ڀارت ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٽي 20 جي وارم اپ ميچ ۾ ڀارت جي اڳوڻي ڪپتان ويرات ڪوهلي بائونڊري تي هڪ هٿ سان ڏکيو ڪيچ پڪڙي تماشائين کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق بالر محمد شمي جي بال تي آسٽريلوي بيٽر پيٽ ڪمنز ڇڪو هڻڻ جي ڪوشش ڪئي پر ويرات ڪوهلي ڪيچ پڪڙي ورتو.