رانديون

بنگلاديش جي انڊر 19 ٽيم ايندڙ مهيني پاڪستان ايندي، شيڊول جاري

بنگلاديش جي انڊر 19 ٽيم ايندڙ مهيني جي پهرين تاريخ کان 19 تائين پاڪستان جي دوري تي ايندي، جنهن جو شيڊول جاري ڪيو ويو آهي. ميڊيا مطابق پي سي بي جي پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ پاڪستان جي دوري تي ايندڙ بنگلاديشي ٽيم هڪ 4 ڏينهن واري ميچ ۽ 5 ون ڊي کيڏندي. جڏهن تھ دوري جا سڀ ميچ 4 نومبر کان 19 نومبر تائين فيصل آباد جي اقبال اسٽيڊيم ۾ کيڏيا ويندا. پي سي بي جي ڊائريڪٽر انٽرنيشنل ذاڪر خان جو چوڻ آهي تھ سال 2022ع پرڏيهي ٽيمن جي ميزباني جو آهي، بنگلاديشي ٽيم جي آجيان ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button