
ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي نئين صدر راجر بني اعلان ڪيو آهي تھ في الحال ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽرن کي سينٽرل ڪانٽريڪٽ نھ پيو ڏنو وڃي. ميڊيا سان پهرين باضابطا ڳالهه ٻولهه ۾ هن جو چوڻ هو تھ ڊوميسٽڪ کيڏندڙ رانديگرن کي بهترين سهولتون ملن پيون، تنهنڪري هن وقت انهن کي ڪانٽريڪٽ ڏيڻ ضروري ناهي. هن چيو تھ رانجي ٽرافي ۽ هڪ مهيني بعد ايندڙ ايراني ڪپ جا ٽورنامينٽ ڪرائڻ اسان جي ترجيح ۾ شامل آهن.