
ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ کيڏيل ميچ تماشائين جي حوالي سان پڻ هڪ رڪارڊ ٺاهي ورتو آهي، جنهن تحت ميلبورن جي ميدان ۾ 90 هزار 293 تماشائين اچي ميچ ڏٺي آهي. ميڊيا مطابق ڏکڻ ايشيا جي ٻن روايتي مخالف ملڪن جي ٽيمن وچ ۾ کيڏيل ميچ دوران آئي سي سي موجب تمام وڏو تعداد شريڪ ٿيو آهي.