رانديون

پاڪستان ۽ بنگلاديش فيصلائتي ميچ ۾ اڄ آمهون سامهون

ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل جي ڊوڙ ۾ شامل ٿيڻ خاطر پاڪستان ۽ بنگلاديش جي ٽيمن وچ ۾ فيصلائتي ميچ اڄ کيڏي ويندي. ميڊيا مطابق ايونٽ جي فيصلائتي ميچ جي حوالي سان ٻنهي ٽيمن جا ڪپتان ذهني طور ڇڪ جو شڪار آهن، ڇوتھ ٻنهي ٽيمن وٽ ايونٽ ۾ باقي رهڻ يا نڪري وڃڻ جي صورتحال آهي. هوڏانهن پاڪستان ڏکڻ آفريقا جي نيڌرلينڊ ٽيم هٿان اپ سيٽ شڪست جي اميد پڻ ڪري ورتي آهي تھ جيئن بنگلاديش کان فتح جي صورت ۾ سيمي فائنل ۾ پهچي سگهي. جڏهن تھ پاڪستان ۽ بنگلاديش 4،4 پوائينٽس سان ايونٽ ۾ موجود آهن، پر سندن فيصلو اڄ سامهون ايندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button