رانديون

پي ايس ايل 8 ۾ شڪيب الحسن رجسٽريشن ڪرائي ورتي

پاڪستان سپر ليگ سيزن 8 جي تياري تيز ٿي وئي آهي، جنهن جي ڊرافٽنگ ۾ هن وقت تائين ڪيترن ئي پرڏيهي رانديگرن دلچسپي ڏيکاري آهي، جن مان ڪجهه تھ رجسٽريشن پڻ ڪرائي ورتي آهي. ميڊيا مطابق بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان شڪيب الحسن تازو رجسٽريشن ڪرائي آهي. ان کان اڳ پرڏيهي رانديگرن جي ڪيٽيگري ۾ سريلنڪا جو وانندو هسارنگا، ڊسن شناڪا، ڏکڻ آفريقا جي ڊيوڊ ملان ۽ انگلينڊ جي جيسن رائي رجسٽريشن ڪرائي آهي. ياد رهي تھ ڊرافٽنگ نومبر مهيني جي ٽئين هفتي ۾ ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button