رانديون

چيمپئن آسٽريليا نڪري ويو، انگلينڊ سيمي فائنل ۾ ديرو ڄمايو، سريلنڪا کي شڪست

ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ انگلينڊ جي سريلنڪا کان ميچ ۾ ڪاميابي بعد دفاعي چيمپيئن آسٽريليا سيمي فائنل جي ڊوڙ سان گڏ ايونٽ مان نڪري ويو ۽ انگلينڊ سيمي فائنل ۾ جڳهه ٺاهي ورتي آهي ميڊيا مطابق ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي گروپ هڪ مان انگلينڊ سريلنڪا کي 4 وڪيٽن تان هارائي رن ريٽ ذريعي سيمي فائنل ۾ پهتو آهي. ان کان اڳ سريلنڪا جي ٽيم بيٽنگ ڪندي 8 وڪيٽن تي 141 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ پيٿم نشانڪا 5 ڇڪن ۽ 2 چوڪن سان 67 رنسن جي وڏي اننگز کيڏي آهي. جڏهن تھ ڀانوڪا راجاپڪسا 22 ۽ ڪوشل مينڊس 18، ڌننجيا ڊي سلوا، وانندو هسارنگا 9،9 ۽ چيرٿ اسلانڪا 8 تي آئوٽ ٿي ويا. انگلينڊ جي بالر مارڪ ووڊ 3 وڪيٽون ورتيون، بين اسٽوڪس، ڪرس ووڪس، سيم ڪوران ۽ عادل رشيد هڪ هڪ کي آئوٽ ڪيو.

آسٽريليا جو رانديگر افغان بيٽر سان ملي رهيو آهي

اهڙي ريت انگلينڊ جي ٽيم 142 رنسن جو هدف 6 وڪيٽن تي ماڻي ميچ کٽي سيمي فائنل ۾ ڪواليفائي ڪيو آهي. انگلش بيٽرن مان اوپنر جوز بٽلر 28 رنسن تي آئوٽ ٿي ويو، جنهن بعد ايلڪس هيلز 47 ۽ بين اسٽوڪس 42 رنسن سان ڀائيواري ٺاهي اسڪور اڳتي وڌايو ۽ ڪاميابي جو بنياد رکيو، پر باقي بيٽر سنگل ڊجيٽ ۾ رهيا. سريلنڪا جي لهرو ڪمارا، وانندو هسارنگا ۽ ڌننجيا ڊي سلوا 2،2 وڪيٽون ورتيون. انگلش بالر عادل رشيد 16 رنسون ڏئي هڪ وڪيٽ وٺڻ تي پليئر آف ميچ قرار ڏنو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button