پاڪستان ويمن ڪرڪيٽ ٽيم ٻئي ون ڊي ۾ بھ آئرلينڊ ويمن کي شڪست ڏئي سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي آهي. ميڊيا مطابق لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ٻي ون ڊي ميچ ۾ آئرلينڊ ويمن ٽيم 184 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، جنهن ۾ اوپنر ليهه پال بڙي ۽ گيبي لوئيس 4 رنسن تي آئوٽ ٿي ويون، ايمي هنٽر 30 ۽ ڪپتان لورا ڊيلاني 28 رنسن سان اسڪور اڳتي وڌايو، بعد ۾ ميري والڊرون 35 رنسن سان نمايان رهي. جڏهن تھ پاڪستاني بالر نشارا سنڌو ۽ غلام فاطما 3،3 وڪيٽون ورتيون. پاڪستاني بيٽرن مان اوپنر منيبا علي 27 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، جنهن بعد سدرا امين 91 ۽ ڪپتان بسما معروف 69 رنسن سان وڏي ڀائيواري ڪري ميچ کٽرائي ڇڏي. سدرا امين کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close